جڙيل شاھ جيلانيءَ جو مقبرو

جڙيل شاھ جيلانيءَ جو مقبرو: ھي مقبرو خيرپور ناٿن شاھه ضلعي دادوءَ ۾ آهي. سيتا جي اتر ۾ ھڪ پڪي روڊ سان موجود آھي. مقبرو چورس رٿ جو آھي، مٿان گنبذ اٿس ۽ ان جي مٿان ڪلسو ٺھيل آھي. اندر مختلف رنگن سان مختلف مهندسي چٽ نڪتل اٿس. هن مقبري جي چٽن جي انڪري به افاديت آھي، جو اھي مرمت ۾ ڊاٿا ڪو نه ويا آھن. روضي کي اولھه ۾ دروازو ڏنل آھي. اتر پاسي ساڄي کان کاٻي واريون قبرون ھرھڪ سيد حاجن شاھ، صابن شاھ، نواز علي شاھ ۽ والي ڏني شاھ جون آھن. ڏکڻ ۾ دريءَ وٽ جيڪا قبر آھي، سا جڙيل شاھه وڏي جي آھي. ڪمرو چورس آھي، پر ان کي ڪنڊ- جوڙون (squinches) ڏئي اٺڪنڊو ڪيو ويو آھي. مٿي ھلي ان کي سورنھن ڪنڊو ڪيو ويو آھي. ھر ٻيو پاسو سوراخدار ۽ گرلن سان آھي، باقي اٺ پاسا چٽيل آھن. اندر ھڪ پاسي ڪتبو لڳل آھي، جنھن تي سن 1300ھجري لکيل آھي، جيڪو شايد روضي جي ٺھڻ جو سال ھجي، نه ته بزرگ اڃا ايامي آھي. مقبري جي ٽن پاسن کان قبرون آھن، باقي حصو خالي آھي. خالي حصو ميلي جي وقت ماڻھن سان ڀريل ر ھي ٿو. ھن بزرگ جي حياتيءَ جو احوال ڪو نه ٿو ملي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو